شاهه جو ڪنڊو

شاهه جو ڪنڊو: هيءُ ماڳ ڀٽ شاهه کان ٻه ڪلوميٽر اوڀر طرف شهدادپور واري رستي تي آهي. هن جاءِ تي وڻن جي ويڙهه ۾ شاهه لطيف، نوجوانيءَ وارن ڏينهن ۾ ڪنڊائتو ويهي، عبادت ۽ رياضت ڪندو هو. هينئر اها ويڙهه لڳ ڀڳ اڌ ايڪڙ تي آهي، باقي چوڌاري ٻني ٻارو ٿئي ٿو. روايت آهي ته، هڪ ڀيري شاهه لطيف، ياد الاهيءَ ۽ روحاني ڪيفيت ۾ ايڏو محو ٿي ويو، جو ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا ۽ واءُ لڳڻ ڪري ڪنڊي واري جاءِ تي شاهه لطيف مٿان به واري وري وئي. جڏهن شاهه حبيب کيس ان حالت ۾ ڏٺو ته دل ڀرجي آيس ۽ چيائين:
لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي.
اهو ڏکائتو آواز ٻڌي شاهه لطيف جواب ڏنو ته:
پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
انهيءَ روايت جو تعلق هن هنڌ سان آهي، جيڪو شاهه جي ڪنڊي جي نالي سان مشهور آهي ۽ اڄ تائين زيارت گاهه بڻيل آهي. جڏهن ته هڪ ٻيءَ روايت موجب هن واقعي جو هنڌ ڪيٽائين آهي.
هيءُ جُوءِ هڪ سرسبز چراگاهه پڻ هو، جتي شاهه لطيف جو چوپايو مال چرندو هو. خاص ڪري ڀاڳناڙي (بلوچستان) جون ڳاڙهيون ڍڳيون، جيڪي شاهه لطيف شوق سان پاليون هيون، انهن جي سارسنڀال لاءِ ڪيترائي پهر انهيءَ جاءِ تي اچي رهندو هو. هيءَ جاءِ اڄ به موجود آهي.
ڪنڊي جو جهونو ٿڙ، زمين تي ڪريل آهي، جنهن جا ٻه ڏار اتر ۽ ڏکڻ طرف پکڙيل آهن. ڪنڊو اڃا تائين سائو آهي. ان جي ٿڙ ۾، هن دور جي ڍونگي ماڻهن، ان کي چٽڪي دار رلين ۽ ڀرت سان ڀريل وهاڻن سان سينگاري، زائرين جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. انهيءَ ويڙهي ۾ شاهه لطيف جي دور جي هڪ تمام پراڻي مسجد جا آثار به ملن ٿا ۽ سرن پچائڻ جي هڪ بٺي پڻ آهي. آفتاب فقير جوڻي ۽ ٻين مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب اها اُهائي بٺي آهي، جنهن مان شاهه لطيف سرون پچارائي ڀٽ شاهه واري تخت گاهه حويلي ۽ سيد حبيب شاهه جي روضي جي اڏاوت ڪرائي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو